Sindhri Te Sir Kair Na Dendo

Ahmed Mughal

سهنــــدو ڪيـــر ميـــار، او يـار!
سنڌڙيءَ کي سر ڪير نه ڏيندو!

جهول جهلي جنهن وقت ڀٽائيءَ،
ڪرندا ڪنـــڌ هـــزار، او يـــــار،
سنڌڙيءَ کي سر ڪير نه ڏيندو!

نيــــٺ وڍينـــدڙ وڍجــــي وينــــدا،
ڪٽبــــي نيــــٺ ڪٽـار، او يار!
سنڌڙيءَ کي سر ڪير نه ڏيندو!

نيٺ ته ڊهندي، ڪيسين رهندي،
دوکـــــي جــــــي ديـــــوار، او يــــــار!
سنڌڙيءَ کي ســـر ڪير نه ڏيندو!

گهڙا کڻي گهڙنديون، سَوَ سهڻيون،
مرنــــــدا سَـــــوَ ميهـــــار، او يــــــار!
سنڌڙيءَ کـــي سر ڪير نه ڏيندو!

سر جي سين هڻـــي ڏس چـــارڻ،
ٻيـــجــــل ٿـــــي ٻيهــــار، او يــــار!
سنڌڙيءَ کي سر ڪير نه ڏيندو!

Lyrics Submitted by Waheed ali Sayed

Lyrics provided by https://damnlyrics.com/